پٽ باران

پٽ باران: پٽ باران جو علائقو سنڌ جو قديم ۽ مشهور علائقو آهي. سنڌ جي نامور فاضل ۽ ولي علامه مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جوڏاڏو علامه مخدوم طالب الله پٽ باران جو رهاڪو هو. پٽ باران علم ۽ ادب جو مرڪز هو. اتي جا رهاڪو وڏا عالم ۽ فاضل هئا. ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر“ ۾ غلام رسول مهر لکي ٿو ته: ”سنڌ جي شهرن ۾ ته ڇا، بلڪ ڳوٺن ۾ به علم ۽ فضل عام هو. انهن مان پٽ باران سر فهرست آهي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ شاهه محمد دودائيءَ هنگامو برپا ڪيو، جنهن کي ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حڪم تي مير شهداد خان ٽالپر چڙهائي ڪري ختم ڪيو، جنهن کان پوءِ مير شهداد خان ٽالپر کي ميان يار محمد خان ڪلهوڙي سندس اعليٰ خدمتن کان خوش ٿي، پٽ باران جي جاگير عطا ڪئي هئي.


لفظ پٽ بارانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو